واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دنيا جي 100 ملڪن تي لڳايل ٽيرف آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن کي وڏو ڌڪ ڏنو آهي، ۽ صرف ٻن ڏينهن ۾ سيڙپڪارن جا 60 کرب ڊالر کان وڌيڪ رقم ٻڏي وئي آهي. ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان سميت مختلف ملڪن تي جوابي واپاري ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، دنيا ۾ شايد ئي ڪو خطو اهڙو هجي جيڪو ٽرمپ جي هن تازي ٽيرف کان بچي ويو هجي، ايتري تائين جو انٽارڪٽيڪا جي ويجهو اهي غيرآباد ٻيٽ به هن ٽيرف جي لپيٽ ۾ اچي ويا جتي رڳو پينگوئن رهن ٿا ۽ جتي انسان شايد آخري ڀيرو ڏهه سال اڳ ويا هئا۔ آمريڪي ميڊيا موجب ٽيرف جي اعلان کان پوءِ صرف ٻن ڏينهن اندر اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳايل 60 کرب ڊالر کان وڌيڪ سيڙپ ٻڏي وئي، اهو ئي نه، پر هن آمريڪي ٽيرف کان پوءِ امڪان آهي ته چيني شيون يورپي مارڪيٽن جو رخ ڪن۔ ٽرمپ ٽيرف جي اعلان کانپوءِ آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ گذريل 5 سالن جي بدترين گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، ڊاؤ جونز 5 سيڪڙو، ايس اينڊ پي 500، 4.6 سيڪڙو ۽ نييسڊڪ 4.7 سيڪڙو گهٽجي ويا۔ لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ FTSE 100 انڊيڪس ۾ ڪووڊ وبا کانپوءِ ريڪارڊ 5 سيڪڙو، جرمني جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 4 سيڪڙو، ۽ جاپان ۾ 2.8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته واپاري جنگ جي خطري وڌڻ سبب تيل جي قيمتن ۾ 8 سيڪڙو گهٽتائي آئي ۽ اهو 4 سالن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو۔ آمريڪي سينٽرل بينڪ جي سربراهه جيروم پاول خبردار ڪيو آهي ته اگهن ۾ واڌ ۽ معاشي واڌ ويجھه جي رفتار گهٽ ٿيڻ جو خطرو آهي، صدر ٽرمپ جي اسرار باوجود جيروم پاول في الحال وياج جي شرح گهٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔ ٻئي پاسي، آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيووا جو چوڻ آهي ته سستي شرح واڌ دوران آمريڪي ٽيرف عالمي معيشت لاءِ خطرو آهي۔ ان کان علاوه، برطانوي، آسٽريلوي، ۽ اطالوي وزيراعظمن به واپاري جنگ کي عالمي واپار لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو آهي، ۽ ٽنهي وزيراعظمن معاشي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق پڻ ڪيو آهي۔










