ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 35 هين ورسي، ڀيٽا پيش

ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 35 هين ورسي، ڀيٽا پيش

شاهپورجهانيان (ن س) جسقم پاران ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 35 هين ورسي ملهائي وئي ، جنهن جي صدارت جسقم ضلعي نوابشاهہ جي صدر علي رضا خاصخيلي ڪئي ، هن  چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن ڪسڻ قبوليو پر ظالم جي آڻ نه مڃي ، جسقم اڳواڻن ظفر ٻگهيو ، اسد ٻگهيو ، سيف سنڌي چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد تاريخ ۾ امر لکيا ويندا ، ڇاڪاڻ جو هنن پنهنجي ڌرتي جي آزاديءَ ۽ انهن جي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندي شهادت ماڻي ، جسقم آريسر جي شاهنواز ڀٽي چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي ، ڪڏهن مذهب ، ملڪ ۽ ڪڏهن وفاق پنجاب سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن ، جسقم تعلقي قاضي احمد جي اڳواڻن نذير ڏاهري ، پير نعيم ، فقير حڪيم لاکو چيو ته سنڌ جي آزادي ۽ پنهنجي وسيلن جي مالڪي لاءِ جسقم مرڪز  پاران 17 نومبر تي ڪراچي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻيءَ ۾ پيغام سنڌ مارچ ريلي ڪڍي ويندي ، جنهن ۾ سنڌي ماڻهو لکن جي تعداد ۾ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ گڏ ٿي سنڌ ، سيد ۽ شهيد بشير خان قريشي سان عملي محبت جو ثبوت ڏين ۽ ڌارين کي ٻڌائين ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي ، سنڌي ماڻهو سنڌ خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪندا ، سماجي اڳواڻ نور نبي ٻگهيو ، حافظ عبدالوحيد ٻگهيو چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جو سانحو سنڌ جي قومي تحريڪ مٿان وڏو وار هو ، جنهن تي سائين جي ايم سيد به ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج  ڪيو هو ، شاعر علي خان لغاري چيو ته شهيد قومن جو سرمايو ٿيندا آهن ، جيڪي قومون شهيدن کي وساري ڇڏينديون آهن ، اُهي قومون تاريخ ۾ پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهنديون آهن ، ان کان اڳ جسقم اڳواڻن رستم ڏاهري، نذير ڏاهري ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو