نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)ٽوئيٽر 12 ڊسمبر تي پنهنجي سبسڪرپشن سروس جو هڪ بهتر ورزن ٻيهر متعارف ڪرائي رهيو آهي. هن ڀيري خاص ڳالهه اها آهي ته ٽوئيٽر بليو سبسڪرپشن سروس ايپل جي صارفين لاءِ 11 ڊالر (2473 پاڪستاني رپيا) ۽ ويب ورزن استعمال ڪندڙن لاءِ 8 ڊالر (1798 پاڪستاني رپيا) هر مهيني ۾ دستياب هوندي.Twitter Blue جي تازه ڪاري ورزن ۾، صارفين پنهنجي ٽوئيٽس کي ايڊٽ ڪرڻ، 1080p ريزوليوشن سان وڊيوز اپلوڊ ڪرڻ ۽ اڪائونٽس تي تصديق ٿيل بليو چيڪ حاصل ڪرڻ جي قابل هوندا.ٽوئيٽر اهو اعلان هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو، پر اها وضاحت نه ڪئي ته ايپل صارفين ٻين جي ڀيٽ ۾ سبسڪرپشن سروس لاءِ وڌيڪ ادا ڇو ڪندا.ڪجهه ميڊيا رپورٽن موجب ان جو سبب ايپل ايپ اسٽور جي 30 سيڪڙو فيس جي نقصان کان بچڻ آهي.Twitter Blue صارفين کي گهٽ اشتهار ڏيکاريا ويندا جڏهن ته ڊگھي وڊيوز پوسٽ ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا.










