ٽن ڀائرن کي گم ڪندڙ پوليس اهلڪار عدالت طلب

ڏهرڪي(رپورٽ اسد غفور ڀٽو)پوليس اھلڪارن خلاف عدالت ۾ دانھڻ جي ڏوھ ۾ ٽي ڏينھن اڳ ڏھرڪي پوليس ھٿان ڪورٽ ٻاھران کنڀي گم ڪيل ٽن ڀائرن مان صدام حسين چاچڙ سيشن ڪورٽ جي عدالت ۾ پوليس اھلڪارن رزاق ڀٽي، مختيار ملڪ، تاج محمد ملڪ، منظور ميراڻي ۽ ساجد دايو خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي آھي جنھن تي عدالت پوليس اھلڪارن کي عدالت طلب ڪري ورتو آھي. ان ڏس ۾ صدام حسين چاچڙ صحافين کي ٻڌايو ته ڄاڻايل پوليس اھلڪارن ٽنھي ڀائرن کي ڏھرڪي جي عدالت ٻاھران گرفتار ڪري نھال واھ لڳ نجي ٽارچر سيل ۾ بند ڪري وحشياڻو تشدد ڪيو جنھن دوران پوليس اھلڪارن کاڌ ۽ زرعي دوائن خريد ڪرڻ لاءِ منھنجي کيسي ۾ رکيل 2 لک 20 ھزار 320 رپيا کسي ورتا ۽ اڻ ڪيل چوريون باسڻ جو چيو. ھنن چيو ڏھرڪي پوليس منھنجي ننڍي ڀاءُ غلام فريد کي ٻه ڏينھن مختلف ٿاڻن تي قيد رکي کيس اڄ ريمانڊ لاءِ ڏھرڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ڄاڻايل پوليس اھلڪارن ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ٻيھر سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن. ھن وڌيڪ چيو پوليس اھلڪار رزاق  ڀٽي پاڻ کي ايس پي گھوٽڪي جي خاص ماڻھو سڏرائي عام ماڻھن کي ھاف فراءِ جون ڌمڪيون ڏئي کانئن ڀتو اوڳاڙي رھيو آھي. ان ھوندي کيس ڪوئي لغام ڏيڻ وارو ڪونھي. ھن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس پي گھوٽڪي کان انصاف جي گھر ڪئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو