ٽن مهينن لاءِ بجلي هڪ روپيو 98 پيسا في يونٽ سستي

ٽن مهينن لاءِ بجلي هڪ روپيو 98 پيسا في يونٽ سستي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ جي بجلي صارفين لاءِ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 99 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، سڄي ملڪ لاءِ جنوري کان مارچ 2026ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 99 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجلي جي هن گهٽتائي جو اطلاق جون کان آگسٽ 2026ع تائين ٽن مهينن لاءِ ٿيندو.
نوٽيفڪيشن موجب، ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو اطلاق K-Electric جي صارفين تي به ٿيندو.
ان فيصلي سان بجلي صارفين کي 67 ارب 17 ڪروڙ 30 لک رپين جو رليف ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو