ٽنڊو محمد خان (رپورٽر مظفر علي بروهي)ٽنڊو محمد خان ۾ جئي سنڌ محاذ ضلعي ؛ تعلقي ۽ جساف طرفان ريلوي اسٽيشن روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڊي پريس ڪلب سامھون مظاھرو ڪيو ويو جنھن ۾ ڪارڪنن سخت نعري بازي ڪئي انعي موقعي تي ضلعي صدر زاھد جسڪاڻي ؛ ضلعي جنرل سڪيريٽري اصغر نوناري ؛ ايوب ڪوريجو ؛ جساف ضلعي صدر راجا ڪولاچي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ مھانگائي غريبن جي چيلھ ٽوڙي ڇڏي آھي يوٽليٽي اسٽورن تي ڪچي لسٽ لڳائي ويئي آھي اٽو ۽ کنڊ اڻلڀ آھي عوام روزي رکڻ ۽ کولڻ لا۽ سخت پريشاني واري زندگي گذاري رھيا آھن لائيٽ ۽ سوئي گيس جي ھٿرادو لوڊشينگ ڪئي پئي وڃي ھتان جي چونڊيل نمائيندن کي شايد عوام جي اھنجن جو احساس ڪونھي ان ڪري ھنن عوامي مسئلن تي ڪڇن نٿا اسين ڊپٽي ڪمشنر ؛ اسٽنٽ ڪمشنر ۽ وس وارن ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طورتي ھنن اھم مسئلن جو نوٽس وٺي عوام کي رليف فراھم ڪيو وڃي.










