،ٽريفڪ قانون تي عمل ڪيو، حادثن کان بچوموٽروي پوليس

وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي ) ڊي آءِ جي سائوٿ مسرور عالم ڪولاچي، ايس پي انڊس ھاءِ وي اشتياق احمد پاران نيشنل ھاءِ وي جي آفيسرن کي پوري سنڌ ۾ شام 5 کان 8 وڳي تائين جنرل ھولڊ اپ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي لاڙڪاڻو موٽروي اسدلله ابڙو،انسپيڪٽر سجاد پيرزادو، انسپيڪٽر ساجد ھڪڙو پاران نيشنل ھاءِ وي تي اڪثر ھلندڙ گاڏين جي ڊرائيورن ۽ عام پبلڪ کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پنھنجي حفاظت لاءِ روڊ تي ھلڻ وقت احتياط ڪرڻ سان گڏ ٽريفڪ جي اصولن تي ھلڻ گھرجي. خاص ڪري ڊرائيور ڊرائيونگ ڪرڻ مھل بيلٽ جو استعمال ڪن ۽ فون جي استعمال کان پاسو ڪن.

ان کان علاوه موٽر سائيڪل سوار ھيلمٽ ضرور استعمال ڪن. ڊي ايس پي اسدالله جو وڌيڪ چوڻ ھو ته عوام کي گھرجي ته محفوظ ۽ آسان سفر لاءِ ٽريفڪ جي قانونن تي عمل ڪن. احتياط سان ئي حادثن کان بچي سگهجي ٿو. بي احتياطي جي ڪري ڪيتريون ئي قيمتي جانيون حادثن جو شڪار ٿي موت جي منھن ۾ ھلي وڃن ٿيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو