ٽرمپ پاران غزه پٽي تي ڊگھي عرصي تائين قبضي ڪرڻ جو اعلان

ٽرمپ پاران غزه پٽي تي ڊگھي عرصي تائين قبضي ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه جي پٽي تي ڊگھي عرصي تائين قبضي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم سان گڏ وائٽ هائوس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو غزه کي ترقي ڏيندا، علائقي جي ماڻهن لاءِ نوڪريون فراهم ڪندا ۽ شهرين کي آباد ڪندا، فلسطينين جي لاءِ منصوبي تحت اردن ۽ مصر جا اڳواڻ جاءِ فراهم ڪندا. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته وچ اوڀر جي ٻين اڳواڻن سان ڳالهه ٿي آهي، کين فلسطينين کي غزه مان منتقل ڪرڻ جي تجويز پسند آئي، پنهنجي منصوبي کانپوءِ غزه ۾سڄي دنيا جي ماڻهن کي آباد ٿيندي ڏسي پيو. سندس چوڻ هو ته اسرائيل، غزه ۽ سعودي جو جلد دورو ڪندو، سعودي عرب ان معاملي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، کيس اميد آهي ته جنگ بندي برقرار رهندي. امريڪي صدر چيو ته اڪثر ملڪ جلد ئي ابراهام معاهدي ۾شامل ٿيندا، نيتن ياهو سان ملاقات ۾ هن حماس جي جي خاتمي کي يقيني بڻائن جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ اهو به چيو ته هو ايران سان ڊيل ڪرڻ پسند ڪندو، پر جيڪڏهن ايران وٽ وٽ ايٽمي هٿيار آهن ته اها ان جي بدقسمتي هوندي. ان موقعي تي اسرائيلي وزيراعظم چيو ته ٽرمپ غزه لاءِ هڪ مختلف مستقبل ڏسي ٿو، جيڪو قابل ذڪر آهي ۽ تاريخ بدلائي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو