ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي جو پاڪستان سان ڪو به تعلق ناهي.ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته ٽرمپ پاران پاڪستاني معاملن بابت جيڪي افواهون اُٿيون ويون آهن ان ۾ ڪا به حقيقت ناهي، اسان جو پنهنجو قانون آهي ۽ آمريڪا جو پنهنجو قانون آهي.هن چيو ته اپوزيشن ڪڏهن به دوست ناهي رهي.مخالف ڌر کي ايوان ۾ موقعو نه مليو ته ٻاهر ڳالهائينداسين. مخالف ڌر لاءِ بهتر آهي ته هو پنهنجي ڪاوڙ ايوان ۾ ڪڍي. پنهنجي ڪيس بابت ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته 6 سال ٿي ويا آهن، ڪيس اهڙي ريت هلي رهيو آهي، جڏهن به عدالت کيس سڏيندي آهي ته هو موجود هوندو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر جو چوڻ آهي ته هو اڳ به ڪيسن کي منهن ڏئي چڪو آهي، جيڪڏهن مقرر مدي ۾ ڪيس نه هلايا وڃن ته اهي ختم ڪيا وڃن. تاريخ تي تاريخ جو مقصد عدالتن ۾ اچڻ وڃڻ آهي، 30 سالن کان ميڊيا ٽرائل هلي رهيو آهي.










