دوحا (ويب ڊيسڪ)قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان چيو آهي ته ٽرمپ پلان جي ڪيترن ئي نقطن تي وضاحت ۽ ڳالهين جي ضرورت آهي.شيخ محمد بن عبدالرحمان چيو ته اسرائيلي فوجن جي واپسي تي وڌيڪ بحث ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته ٽرمپ جو پلان جنگ جي خاتمي جو بنيادي مقصد حاصل ڪري ٿو، منصوبو شروعاتي مرحلن ۾ آهي ۽ ان جي تفصيلن تي بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي.قطري وزيراعظم چيو ته غزه ۾ فلسطيني انتظاميا تي آمريڪا سان بحث ڪيو ويندو، ان جو اسرائيل سان ڪو به تعلق ناهي، حماس منصوبي جو جائزو وٺڻ جو واعدو ڪيو آهي.هن چيو ته مصر ۽ ترڪي به اڄ غزه جي ثالثي اجلاس ۾ حصو وٺندا، هن اهو به چيو ته اسرائيلي وزيراعظم جي معافي ڪو احسان نه هو، اهو اسان جو بنيادي حق هو.










