سکر(امداد علي ڪلوڙ) صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاھ سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته ٽرانسپورٽن جي ھڙتال سبب معيشت جو فيٿو جام ٿي ويو آھي وفاقي حڪومت ۾ نالائق ماڻھو ويٺل آھن جن کي اھا خبر ناھي ته ھڪ ڏينھن جي بک ھڙتال سبب ملڪ جي معيشت کي ڪيترو نقصان پھچي ٿو. ھن چيو ته وزير مواصلات مراد سعيد غني کي استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي ھڙتال ڪندڙ ٽرانسپورٽرن جا مطالبا جائز آھن سنڌ حڪومت انھن سان گڏ آھي ٽرانسپوٽرن کي اسلام آباد سڏائي انھن کي آسرو ڏنو ويو. اويس شاھ چيو ته ڏيڍ سال اندر انھن کي سياست سمچھ ۾ ناهي آئي ته وزير اعظم هائوس اسلام آباد خالي ڪن. سکر ٽرانسپورٽ جو مسئلو 10 مھينن کان ھلي پيو اڄ ھر ماڻھو دعا گھري رھيو آھي ته ھن حڪومت مان الله جان ڇڏائي. ھن چيو ته وزير اعظم کي اپيل ڪريان ٿو ته ٽرانسپورٽرن جو معامرو حل ڪري وفاقي حڪومت کي ان معامري تي جيڪڏھن منھنجي مدد گھرجي ته مان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيان.










