واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ اسٽار ٽام ڪروز پنهنجي فلمن کي منفرد ۽ ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪجهه به ڪندو، خلا ۾ قدم به رکندو.برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب ٽام ڪروز جو پنهنجي ايندڙ فلم جي شوٽنگ لاءِ خلا ۾ وڃڻ جو امڪان آهي.ان حوالي سان يونيورسل پکچرز جي چيئرپرسن ڊيم ڊوننا لينگلي برطانوي نشرياتي اداري کي ٻڌايو آهي ته اسان ٽام ڪروز سان گڏجي هڪ وڏو پروجيڪٽ ڪرڻ وارا آهيون، جنهن ۾ هو راڪيٽ کي خلائي اسٽيشن ڏانهن وٺي وڃڻ بابت سوچي رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته ٽام ڪروز ان منصوبي کانپوءِ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن کان ٻاهر هلڻ وارو پهريون شهري بڻجي ويندو.هنن نئين فلم ۾ اداڪار جي ڪردار بابت ڪجهه تفصيل ڏيندي چيو ته هو هڪ اهڙي شخص جو ڪردار ادا ڪندو جيڪو پاڻ کي اهڙي صورتحال ۾ ڳولي ٿو جتي هو ئي واحد شخص آهي جيڪو ڌرتيءَ کي بچائي سگهي ٿو.ياد رهي ته ناسا ۽ ايلون مسڪ جي ڪمپني SpaceX هن فلم کي ٺاهڻ لاءِ يونيورسل پکچرز سان تعاون ڪري رهيا آهن.










