ٽائون  ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ٽائون ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي )مانجهند جي ٽائون ملازمن جو سڪل مانيون ڳچي ۾ وجهي ٻئي ڏينهن به احتجاج ائڊمنسٽريٽر خلاف نعريبازي سياسي سماجي شخصيتن جي يڪجهتي طور شرڪت ائڊمنسٽريٽر مڇرجي هڪ ملازم کي معطل ڪري ڇڏيو تفصيل موجب مانجهند ۾ ٽائون ملازمن جو پنجن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ٻئي ڏينهن به ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري آفيس کي تالا هڻي ريلي ڪڍي مين چوڪ تي سڪل مانيون ڳچي ۾َ ٻڌي علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي ملازمن ڳولي ڏيو ڳولي ڏيو ٽائون ائڊمنسٽريٽر ڳولي ڏيو جي نعريبازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ملازم اڳواڻن يوسف عمراڻي نظر خاصخيلي اعجاز حسين ميمڻ تنوير ڀٽ عارف مانجهند شاهنواز ڏيٿو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب ملازمن جون پنجن مهينن کان پگهارون بند آھن جڏھن ت گذريل 20 مهينن جون پگهارون پڻ رهيل آهن جنهن سبب ٻچن لاء عيد جا ڪپڙا خريد نه ڪري سگهيا آھيون جڏھن ت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون پر ائڊمنسٽريٽر آفيس اچڻ بجاء کين ڌمڪيون ڏياري مطالبن تان هٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي احتجاج ڪرڻ تي بنا جواخ هڪ ملازم شريف شيدي کي معطل ڪري ڇڏيو اٿس جڏھن ت وڌيڪ ملازم اڳواڻن کي شوڪاز ڏئي رهيو آھي هنن چتاء ڏنو ت رمضان شريف جي پهرين هفتي ۾ ئي پگهارون نه ٿيون ت سخت احتجاج جاري رهندو ٻي طرف علامتي بک هڙتالي ڪيمپ تي سياسي سماجي شخصيتن ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ گوتم چنا جسقم اڳواڻ اڪرم کوسو سماجي شخصيت پير مشتاق احمد مجيد ميمڻ سميٿ وڏي تعداد ۾ شھرين يڪجهتي طور شرڪت ڪئر هوڏانهن عملي جي ڪم ڇڏ ھڙتال سبب شھر ۾ گٽر اٿلڻ سبب بازارون گهٽيون گندي پاڻي سان ڀرجي ويو جنهن سبب هر طرف بدبوء ڦھليل آھي ٻي طرف ايس ٽي پي طرفان مانجهند ۾ گندگي جي آزار ۽ ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف سڀاڻي جمع ڏينهن تي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو