سرگوڌا(ويب ڊيسڪ)سرگوڌا ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽائر پنڪچر ڪندڙ کي 8 لک 13 هزار رپين جو ٽيڪس نوٽيس موڪلي ڇڏيو.شهري فضل شاهه موجب منهنجي نه ڪا ملڪيت آهي ۽ نه ئي ڪو بئنڪ اڪائونٽ ،ايف بي آر موجب 2016ع کان 2022ع تائين فضل شاهه جا ٽيڪس گوشوارا جمع ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، امڪان آهي ته فضل شاهه جي سڃاڻپ ڪارڊ جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي.ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.










