لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان دعويٰ ڪئي آهي ته چار هٿياربند نقاب پوش سندس پٽ شاه ريز کي گهر مان اغوا ڪري ويا آهن. عليمه خان موجب، سادي ڪپڙن ۾ ملبوس چار هٿياربند ماڻهو ڪچن جي رستي گهر ۾ داخل ٿيا، جڏهن ته سندس پٽ پنهنجي زال ۽ والد سان گڏ گهر جي مٿئين منزل تي هو۔ هٿياربندن گهر اندر ڊرائيورن کي به هراسان ڪيو. پي ٽي آءِ جي ترجمان پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته هٿياربند دروازن کي ٽوڙي شاه ريز کي بيڊ روم مان اغوا ڪري ويا، جتي شاه ريز خان جي ٻن ٻارن جي سامهون ڪمري ۾ داخل ٿي تشدد به ڪيو ويو. ترجمان پي ٽي آءِ جو الزام آهي ته گذريل ڏينهن شاه ريز خان کي پنهنجي زال سان گڏ لاهور ايئرپورٽ تان غيرقانوني طور آف لوڊ ڪيو ويو هو، جڏهن ته شاه ريز خان جو ڪنهن به سياسي سرگرمي سان ڪو تعلق ناهي۔ ترجمان جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس فوري نوٽيس وٺي شاه ريز خان کي آزاد ڪرائي.
رانا ثناءُ الله جو ردعمل
ٻئي پاسي، وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار رانا ثناءُ الله جيو نيوز جي پروگرام آج شاهزيب خانزادا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته لاهور پوليس چيف گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته عليمه خان جو الزام، جيستائين ثابت نه ٿو ٿئي، اوستائين اهو صرف الزام آهي، پر جيڪڏهن واقعي اهڙو معاملو آهي ته شاه ريز خان کي 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










