ٻي ٽيسٽ: نيوزيلينڊ جي پاڪستان خلاف بيٽنگ جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ اڄ کان ڪراچي ۾ شروع ٿي رهي آهي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.پاڪستاني ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، فاسٽ بالر محمد وسيم جونيئر ۽ محمد نعمان ٽيم جو حصو نه آهن. انهن ٻن رانديگرن جي جاءِ تي فاسٽ بالر حسن علي ۽ نسيم شاهه کي پلیئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪريون ها، تمام مثبت سوچ سان وڃي رهيا آهيون.واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو