ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي وبا پکڙجي وئي آهي، ڪراچي ۾ ڊينگي جا 104، راولپنڊي ۾ 54 ۽ اسلام آباد ۾ 43 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ وڌڻ جو سلسلو جاري آهي، ڊي ايڇ او موجب اسلام آباد جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي سبب 31 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته شهري علائقن ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا.
خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 76 ڪيس ظاهر
صحت کاتي جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا وڌيڪ 76 ڪيس سامهون آيا آهن، صوبي ۾ ڊينگي سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.خيبرپختونخواهه ۾ 5 مهينن دوران ڊينگي جا 2 هزار 473 ڪيس سامهون آيا آهن، سڀ کان وڌيڪ 969 ڊينگي ڪيس مردان ۾ رپورٽ ٿيا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي جا 484 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.صحت کاتي موجب پشاور ۾ 117، نوشهره ۾ 259 ۽ چارسده ۾ 86 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن.سيڪريٽري صحت ٻڌايو ته پنجاب ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 106 مريض سامهون آيا آهن.راولپنڊي مان 54، لاهور ۾ 33، گجران الله ۾ 4، گجرات ۾ 3 جڏهن ته ملتان، قصور ۽ بهاولنگر ۾ 2-2 ڊينگي جا مريض سامهون آيا آهن.شيخوپوره، اوڪاڙه، خانيوال، ساهيوال، مظفر ڳڙهه، جهلم ۾ ڊينگي جو هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.پنجاب جي صحت واري سيڪريٽري موجب پنجاب ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا 1912 ڪيس سامهون آيا آهن، صوبي ۾ هلندڙ سال ڊينگي سبب 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.گذريل ڏينهن پنجاب ۾ 2567 هنڌن تان ڊينگي لاروا هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 6 هنڌن کي سيل ڪيو ويو، ڊينگي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 48 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا.










