نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) چيو آهي ته پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون تيزي سان جاري آهن ۽ متاثر ضلعن ڏانهن وڌيڪ سامان موڪليو ويو آهي. اين ڊي ايم اي ترجمان موجب، خانيوال جي متاثرين لاءِ پي ڊي ايم اي پنجاب کي 1000 خيما فراهم ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه، سکر کان 13 ٽرڪن تي 670 خيما موڪليا ويا، ۽ اين ڊي ايم اي جي اسلام آباد گودام مان 5 ٽرڪن تي 330 خيما خانيوال موڪليا ويا.متاثر علائقن ۾ ڪمبل، خيما، مڇر دانيون، پاڻي فلٽريشن پلانٽ، رڌل، فولڊنگ بسترا ۽ 17 ٻيڙيون پڻ فراهم ڪيون ويون آهن.ترجمان موجب، اين ڊي ايم اي هاڻي تائين پنجاب جي ٻوڏ متاثرين لاءِ ڪل 36,000 خيما فراهم ڪري چڪو آهي.










