فيلڊ مارشل جو متاثر علائقن جو دورو،ڪرتارپور اصل حالت ۾ بحالي جو اعلان

فيلڊ مارشل جو متاثر علائقن جو دورو،ڪرتارپور اصل حالت ۾ بحالي جو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)فيلڊ مارشل ۽ آرمي چيف عاصم منير ڪرتارپور سميت پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن جو جو دورو ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته ٻوڏ متاثر ٿيل سڀني مذهبي هنڌن کي انهن جي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير سيالڪوٽ سيڪٽر، شڪر ڳڙهه، نارووال ۽ ڪرتارپور جو به دورو ڪيو. آرمي چيف جي دوري جو مقصد ٻوڏ جي صورتحال، بچاءُ ۽ امدادي قدمن جو جائزو وٺڻ هو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف کي موجوده ٻوڏ جي صورتحال ۽ ايندڙ برساتن جي سلسلي جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي.آرمي چيف علائقي جي متاثر سک برادري سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته اقليتن ۽ انهن جي مذهبي هنڌن جو تحفظ رياست ۽ ان جي ادارن جي ذميواري آهي، پاڪستان پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو.فيلڊ مارشل چيو ته ٻوڏ متاثر ٿيل سڀني مذهبي هنڌن کي انهن جي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو، دربار صاحب ڪرتارپور کي ترجيحي بنيادن تي ان جي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو.آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف فوجي اهلڪارن ۽ سول انتظاميا جي بروقت ۽ فعال قدمن لاءِ مربوط ۽ اڻٿڪ ڪوششن جي تعريف ڪئي.فيلڊ مارشل فوجي اهلڪارن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين دوران قوم جي خدمت ڪرڻ جي انهن جي بلند حوصلي، پيشه ورانه تيارين ۽ عزم جي تعريف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو