ٻوڏ متاثرن کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ هڪڪنٽرول روم قائم

ٻوڏ متاثرن کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ هڪڪنٽرول روم قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صحت کاتي جي ماتحت ٻوڏ متاثرن کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ هڪڪنٽرول روم قائم ڪيو آهي، جنهن تیڪنھن بہ علائقي، شهر ۽ ڳوٺ ۾ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪري سگهجي ٿو. جنهن بعد صحت جون ٽيمون فوري طور متاثر علائقي يا ڳوٺڏانهن اماڻيون وينديون. ان ڏس ۾ ٻوڏ متاثر ڪنٽرول روم جي ٽيليفون نمبرن 0229240106 ۽ 0229240114 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏينديڪيو. هن چيو ته سيپٽمبر مهيني ۾ 15101 ماڻهن جي مليريا جي اسڪريننگڪئي وئي. جنهن ۾ 3072 ماڻهو مليريا جي تصديق ٿي. هن چيو ته ڊينگي جي بہ اسڪريننگڪرائي پئي وڃي،ڪراچيڊويزن ۾ سيپٽمبر ۾ 1066، حيدرآباد ۾ 9، ميرپورخاص ۾ 11، شهيد بينظير آباد ۾ 5 ۽ سکر ڊويزن ۾ 7 ڪيس رپورٽٿيا آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻيڊويزن ۾ هن وقت تائين ڊينگي جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو. هن چيو ته صوبي ۾ ڊينگي سبب 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن جو تعلق ڪراچي سان آهي. هن چيو ته صحت کاتو ۽ پي پي ايڇ آءِ سڄي صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪري رهيا آهن. اسپتالن، بنيادي صحت يونٽن کان علاوه فڪسڊ ميڊيڪلڪيمپس ۽ موبائيل يونٽن ذريعي به طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس جا ميڊيڪل يونٽ به ڏورانهن علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه فلاحي ادارا ۽ غير سرڪاري ادارا به ٻوڏ متاثرن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي رهيا آهن. صوبائي اطلاعات واري وزير چيو ته ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو صحت کاتي کي سڄي سال جا فنڊ جاري ڪري ته جيئن اهي دوائون خريد ڪري متاثرن کي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائين. جيتوڻيڪ فنڊ عام طور تي سمورن سرڪاري کاتن کي ٽه ماهي بنيادن تي جاري ڪيا ويندا آهن، هن چيو ته اڄ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ھيٺٿيلٽاسڪ فورس جي اجلاس۾ سمورن کاتن جي آفيسرن، پي ڊي ايم اي ، پاڪ فوج جي نمائندن شرڪتڪئي. اجلاس ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال، رليف ۽ ريسڪيو آپريشنز تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺڪئي وئي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سمورن آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هو رليف ۽ ريسڪيو واري ڪم تي فوڪس رهن جڏهنته غفلت ڪندڙ آفيسرن کي نه رڳو عهدن تان هٽايو ويندو پر کين نوڪرين تان به برطرف ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن ۾ ڪل 2 لک 5 هزار 73 خيما ورهايا ويا آهن. جنهن ۾ پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي، يو اين ايڇ سي آر ۽ اين جي اوز طرفان ورهايا ويا آهن. متاثرن ۾ 1 لک 81 هزار 68 ترپال ۽ 3 لک 96 هزار 62 خاندانن ۾ راشن بيگ ورهايا ويا، هن چيو ته متاثرن ۾ 1514687 مھارا پڻ ورهايا ويا آهن. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ زراعت جو شعبو سخت متاثر ٿيو آهي. ٻوڏ ۽ برساتن سبب هينئر تائين 638 معصوم جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد 165173 ڪيوسڪ ۽ ڊسچارج 153656 ڪيوسڪ رڪارڊڪئي وئي جڏهن ته سکر وٽ پاڻي جي آمد 162096 ڪيوسڪ آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج جي صورتحال حساس آهي، جتي وڏي سطح جي ٻوڏ آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي آمد 575435 ڪيوسڪ ۽ اخراج 555585 ڪيوسڪ آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو وهڪرو گهٽجڻ سان صورتحال بهتر ٿي ويندي. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ حڪومت جي سموري مشينري، وفاقي حڪومت، پاڪ فوج ۽ اين جي اوز امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن ۽ پوري قوم هڪ آهي، پر پاڪستان جي هڪ فاشسٽ پارٽي جيڪا ادارن سان وڙهندي هئي، سا هاڻي انهن معصومن متاثرن سان وڙهي رهي آهي هن سوال ڪيو ته عمران خان سڄي دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيو آهي؟ هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪريل مهم هلائي پئي وڃي،ڇا اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس پارٽي کي محب وطن چئي سگهجي ٿو؟ڇا انهن کي پاڪستاني چئي سگهجي ٿو؟ هن چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل به اهڙي سازش نه ڪئي جيڪا پي ٽي آءِ ڪري رهي آهي. هن چيو ته هن وقت سنڌ حڪومت جو سڄوڌيان معصوم ٻوڏ متاثرن تي آهي ۽ اسان وٽ هن وقت سياست ڪرڻ جو وقت ناهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعظم شهباز شريف، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه شهر شهر ۾ وڃي ريسڪيو ۽ امداديڪم جي نگراني ڪري رهيا آهن. اسان جو ڌيان رليف، بچاء ۽ بحالي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن کي به قدرتي آفتن جي تباهي تي سياست ڪندي نه ڏٺو ويو آهي، عمران خان کي اهڙي سياست ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي، هن جي رڳو هڪ جاءِ آهي ۽ اهو جيل آهي. هن چيو ته هو اليڪشنڪميشن آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس کي اپيل ٿاڪن ته ان ڪڌي سازش جو نوٽيس وٺندي پي ٽي آئي جي سوشل ميڊياٽيم تي پابندي مڙهي وڃي، اها آئيني، قانوني ۽ قومي ذميواري آهي ته انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ ماڻهو پنهنجي سروائيول جي جنگ وڙهي رهيا آهن پر پي ٽي آءِ سياست جي آڙ ۾ ملڪ دشمني ۽ ٻوڏ متاثرين سان وڙهي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو