اسلام آباد(بيورو)متحده عرب امارات مان ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان اڄ شام 4:30 وڳي پاڪستان پهچندو. وزيراعظم شهباز شريف جي اپيل تي يو اي اي مان ٻوڏ متاثرن لاءِ سامان موڪليو پيو وڃي.جهاز يو اي اي مان امدادي سامان جي پهرين بيچ کڻي نور خان ايئر بيس پهچندو. يو اي اي جا ٻيا 15 جهاز ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ امدادي سامان پاڪستان پهچائيندا.امدادي سامان ۾ خيما، کاڌو، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون شامل آهن.










