ٻوڏ متاثرن جي محرومين تي سياست ڪرڻ شرمناڪ آهي

ٻوڏ متاثرن جي محرومين تي سياست ڪرڻ شرمناڪ آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير، اطلاعات، ٽرانسپوٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنجاب جي وزير اطلاعات جي بيان تي ردعمل جو اظھار ڪندي چيو آھي تھ ٻوڏ متاثرن جي محرومين تي سياست ڪرڻ نھ رڳو افسوسناڪ پر انتھائي شرمناڪ رويو آھي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ اسان جو مطالبو صاف ۽ سڌو آھي تھ ٻوڏ متاثرن جي عملي مدد ڪريو نھ ڪي رڳو بيان ڏيو ۽ تصويرون ٺھرايو، ڏکڻ پنجاب جا ماڻھو پنجاب حڪومت کي پُڪاري رھيا آھن تھ اُتان جي حڪومت جون اوليتون فوٽو سيشنز ۽ ڏيکاءُ تائين ئي محدود آھي، خدا جي واسطي ڪيمرائون رکي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پھچو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پنجاب ۾ نھ ڪي گھر ٺھي رھيا آھن نھ ئي وري ٻوڏ متاثرن کي سولر پينل ملي رھيا آھن، رڳو ڀاشن ڏنا پيا وڃن، سنڌ سرڪار 21 لک گھر ٺاھي رھي آھي، متاثر ٿيل خاندانن ۾ سولر پينل ورھائي رھي آھي، اسان جو ڪم سندن اک ۾ ڪنڊي جيان چُڀي رھيو آھي. ھن چيو تھ اسان 120 رُپين وارو پاپڙ ۽ جوس ڏيڻ لاءِ 300 رُپين وارو پنھنجي تصوير وارو پيڪٽ نھ پيا ٺھرايون، اھوئي عوامي خدمت ۽ ڏيکاءُ جي سياست ۾ واضح فرق آھي. موڪل واري ڏينھن ڪم ڪرڻ جي حوالي سان سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ قوم مصيبت ۾ ھجي اسان موڪلون ملھايون؟ اسان کي عوامي خدمت جي لاءِ موڪل وارن ڏينھن جي گذرڻ جو انتظار ناھي ڪرڻو پوندو، آچر جو ڏينھن ھجي يا وري ڪو ٻيو، اسان ھر وقت عوام جي وچ ۾ ۽ سندن مسئلن جي لاءِ موجود آھيون ۽ رھنداسين. ھن چيو تھ پنجاب سرڪار کي گھرجي تھ اُھا متاثرن جي زخمن تي مرھم رکي، پنجاب جو عوام ڄاڻي ٿو تھ سندن نالي تي سياست ۽ فوٽو سيشن کانسواءِ ڪجھھ بھ نھ پيو ٿئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو