ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم

ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سيلاب متاثرين جي مڪمل بحالي تائين وفاقي حڪومت صوبائيي حڪومتن سان گڏجي ڪم جاري رکندي ۽ صوبن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون.هن اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ حاليه برساتن ۽ سيلاب سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ جاري امدادي ۽ بحالي سرگرمين بابت ٿيل جائزه اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي متاثرن جي بحالي ترجيح آهي، ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ دريائن سان لڳندڙ علائقن بابت تياري يقيني بڻائي وڃي. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي هر قسم جي مدد لاءِ هر وقت تيار آهي. ماڻهن جي بروقت انخلاءَ ۽ امدادي سرگرمين جي هر لمحي نگراني يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙن متاثرن تائين مالي امداد پهچائڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪي نادرا سان رجسٽرڊ نه آهن. وزيراعظم چيو ته وزارتِ موسميات اڳ ئي ايندڙ سال جي برساتي موسم لاءِ تياري ڪري، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچائڻ ۽ نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن اندر هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪري. هن چيو ته اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز، پاڪ فوج ۽ ريسڪيو ۽ رليف جا وفاقي ۽ صوبائي ادارا ماڻهن جي ريسڪيو ۽ رليف لاءِ جيڪي ڪارروايون ڪري رهيا آهن، اهي قابلِ تحسين آهن. ٻئي پاسي اجلاس کي متاثر علائقن ۾ نقصانن، ريسڪيو ۽ رليف ڪاررواين ۽ سيلابي ريلن جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته برساتي موسم جي آخري اسپيل ختم ٿيڻ کان پوءِ متاثرن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته موجوده وقت ۾ سمورا وسيلا ۽ عملي قوت ريسڪيو، رليف ۽ انخلاءَ ۾ مصروف آهن. سيلاب جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته درياءِ راوي، ستلج ۽ چناب جا ريلا هن وقت وچولي ۽ ڏاکڻي پنجاب ۾ پهچي چڪا آهن، جيڪي جلد پنجند کان سنڌ پهچندا. پنجند تي 10 کان 12 لک ڪيوسڪ جي وهڪرن گذرڻ ۽ بچاءَ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اصل مقدار لڳ ڀڳ 6 لک ڪيوسڪ ٿيندو، جيڪو اميد کان گهٽ آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملتان ۾ انتظاميا، پاڪ فوج ۽ ريسڪيو ادارا مڪمل تياري سان سيلابي ريلن کي بنا ڪنهن بند ٽوڙڻ جي گذارڻ ۾ مصروف آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي مٿين ۽ وچولي علائقن ۾ متاثر بجليءَ جي نظام مان 80 سيڪڙو بحال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته متاثر پلن ۽ شاهراهن کي ٽريفڪ لاءِ کولڻ لاءِ مرمت ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور سڄي ملڪ ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي بروقت نقل مڪاني ڪئي وئي، جڏهن ته 4100 کان وڌيڪ ڦاٿل ماڻهن کي متاثر علائقن مان ريسڪيو ڪيو ويو. وفاقي حڪومت طرفان متاثرن لاءِ 6300 ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان پهچايو ويو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ماڻهن کي طبي امداد ڏيڻ لاءِ 2400 کان وڌيڪ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ فوت ٿيندڙن، زخمين ۽ مالي نقصان جي حوالي سان وفاقي حڪومت طرفان نادرا ذريعي ترجيحي بنيادن تي مالي امداد جاري آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت چارن صوبن جي چيف سيڪريٽرين پڻ پنهنجن صوبن جي حوالي سان جائزو پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي وفاقي حڪومت طرفان هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، عطا الله تارڙ، سردار اويس خان لغاري، چيئرمين اين ڊي ايم اي، چيئرمين نادرا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت صوبن جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو