اسلام آباد)بيورو رپورٽ) ٻوڏ جي ڪري حج پانڌيئڙن جي رجسٽريشن جي مدت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.مذهبي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب، وزارت جي پورٽل تي رجسٽريشن جاري آهي، جنهن ۾ خانگي اسڪيم جي پانڌيئڙن کي اڳ ۾ 8 سيپٽمبر تائين رجسٽريشن جو موقعو ڏنو ويو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻي تائين 21,000 پانڌيئڙا رجسٽر ٿي چڪا آهن. گذريل سال حج کان محروم رهندڙ پانڌيئڙن کي خانگي حج آپريٽرز جي ڪوٽا ۾ ترجيح ڏني ويندي.ذريعن موجب، خانگي آپريٽر باقي ڪوٽا تي نوان درخواستون حاصل ڪري سگهندا. پانڌيئڙا گذريل سال جمع ڪرايل رقم تي اضافي خرچن کان سواءِ حج ڪري سگهندا، جڏهن ته خانگي آپريٽرز گذريل سال جي پانڌيئڙن کي اضافي پئسن کان سواءِ حج تي وٺي وڃڻ جا پابند آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪي پانڌيئڙا پنهنجا پئسا ڪڍندا آهن اهي گذريل سال جي پيڪيج تي پانڌيئڙن کي حج نه ڪري سگهندا.










