ٻن اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو

ٻن اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو

گهارو (رپورٽر بشام جوکيو) ٻن پوليس اهلڪارن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪندڙ ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو۔گذريل رات جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏ بابڙا لنڪ روڊ جام واه تي فائرنگ ڪري ٻن پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو۔ ايس ايس پي ٺٽي جي حڪم تي خصوصي ٽيم جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي۔پوليس مقابلي دوران جوابدار حضور بخش عرف رضوان ابڙو مارجي ويو۔مارجي ويل جوابدار ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت واري ڪيس ۾ گهربل هو۔جوابدار وٽان شهيد اهلڪارن کان ڦريل سرڪاري رائفل پڻ هٿ ڪئي وئي۔پوليس مقابلي دوران جوابدار جا ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن جاري آهي۔جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڳجهي معلومات جي مدد سان جوابدارن جو پتو لڳايو ويو۔ آءِ جي پاران پوليس ٽيم لاءِ 5 لک رپيا نقد انعام جو اعلان ڪيو ويو۔آءِ جي سنڌ پوليس پاران پوليس پارٽي کي سي سي ون ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو۔ جي ڊي آءِ جي پاران پوليس ٽيم کي سي سي ٽو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو۔ايس ايس پي ٺٽي ڪارروائي ۾ شامل آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباش ڏني۔“شهيدن جي رت جو حساب هر صورت ۾ ورتو ويندو،” ايس ايس پي ٺٽو چيو جرائم پيشه عنصرن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون،

پهنجو تبصرو موڪليو