ٻنون ۽ ڀرپاسي جي عوام 10 سالن کان بجلي جي سھولت کان محروم

دڙو (ن س) ٻنون ۽ ڀرپاسي جي رھندڙ 50 ھزار کان وڌيڪ عوام 10 سالن کان بجلي جي سھولت کان محروم. بلڙي شاھڪريم گرڊ اسٽيشن کان ايندڙ بجلي جي ڊگھي لائين جا پول ۽ تارون ڪٽجي ويون، عوام ھن جديد دورُ زماني ۾ بجلي، سئي گيس، پيئڻ جي پاڻي، ڊرينيج ۽ ٻين سمورين بنيادي سھولتن کان محروم. عوام طرفان فوري طور تي ٻنون جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ جي گھر، تفصيل موجب سجاول ضلعي جو انتھائي پٺتي پيل ۽ سنڌو درياھ جي ڪنڌي تي آباد ٿيل تاريخي شھر ٻنون حڪمرانن جي عدم توجي ۽ بي حسي سبب ھن جديد دوُر زماني ۾ بجلي واٽر سپلائي، ڊرينيج، سئي گيس سميت ٻين سمورين سھولتن کان محروم آھي، حيسڪو طرفان گذريل ڏھن سالن کان وٺي ٻنون ۽ آسپاس جي سوين ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي وئي آھي، جنھن سبب ٻنون جا شھري متبادل طور سولر سسٽم ذريعي بجلي استعمال ڪري رھيا آھن، جڏھن تہ سال 1984ع ۾ مرحوم محمد خان جوڻيجو دور ۾ واٽر سپلائي اسڪيم منظور ٿي ھئي، جيڪا اڄ تائين رولڙي جو شڪار آھي، شھري 20 کان 30 روپين ۾ پاڻي جو في دٻو خريد ڪري ٿو، شھر ۾ ڊرينيج جو ڪوبہ نظام ناھي، تازو پبلڪ ھيلٿ کاتي طرفان گھٽين جو اڌ ڪم ڪرائي فرار ٿي ويا آھن، ٻنون جي شھرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن عبدالڪريم پليجو، غلام عباس پليجو، پرڪاش حُسيني، عبدالرحيم قاضي، عبدالرزاق سومرو، سرفراز سومرو، ذين العابدين سومرو، شاھنواز پليجو، عطاﷲ حيدري، سرفراز پليجو، چيتن ڪولھي، محمد علي سومرو ۽ ٻين شھر جي بجلي 10 سالن کان بند ھئڻ سميت ٻيا ترقياتي ڪم نہ ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو تہ ٻنون جي عوام کي ھر دوُر ۾ نظرانداز ڪيو ويو آھي، ھتان جو عوام اڄ بہ سوُ سال اڳ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي، ھنن مطالبو ڪيو تہ ٻنون شھر جي شھر جي بجلي کي بحال ڪرڻ سميت شھر جا سمورا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو