ميهڙ (ن س) ميھڙ ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، عورت قتل ٿي وئي، سندس مڙس ۽ 2 پٽ زخمي ٿي پيا،ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران پٽ کي بچائيندي عورت قتل ٿي وئي، سندس مڙس ۽ 2 پٽ زخمي ٿي پيا،ٻڌايو پيو وڃي ته کھڙا جي ڳوٺ ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ سبب 8 ٻارن جي ماءُ راحت کوسو ٿڏي تي قتل ٿي وئي،جھيڙي ۾مقتول عورت جو مڙس محب علي، سندس ٻه پٽ صاحب ۽ 7 ورھين جو ياسين کوسو زخمي ٿي پيا،مقتول عورت جي وارثن موجب غلام عمر، نادر، دادن گھرن تي حملو ڪيو، راحت کوسو پٽ صاحب کي بچائيندي ڌڪ لڳڻ سبب مارجي وئي،مقتول عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته معمولي ڳالهه تان حملو ڪيو ويو، ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي
مشهور خبرون










