ٻارن جو ٻيو وڏو اسپتال پگهارن نه ڏيڻ ڪري بند

ٻارن جو ٻيو وڏو اسپتال پگهارن نه ڏيڻ ڪري بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد ٽائون ۾ واقع ٻارن جي ٻئي نمبر وڏي اسپتال سنڌ گورنمينٽ چلڊرن اسپتال کي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ سبب بند ڪيو ويو آهي، اسپتال انتظاميا موجب، اسپتال هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي کان بند آهي، جڏهن ته ايمرجنسي ۽ وارڊ جون سهولتون به معطل ڪيون ويون آهن، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسپتال جا 400 کان وڌيڪ ملازم گذريل پنجن مهينن کان پگهارن کان محروم آهن، جنهن جي ڪري اسپتال جون گهڻيون خدمتون بند آهن. اسپتال ۾ صرف او پي ڊي ڪم ڪري رهي آهي، پر ٻين سهولتن جي کوٽ سبب مريضن جي آمد ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي.اسپتال انتظاميا موجب، مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٻارن جي زندگين کي خطرو آهي، جڏهن ته والدين علاج لاءِ متبادل اسپتالن جو رخ ڪرڻ تي مجبور آهن.انتظاميا موجب، هن مهيني هڪ نظرثاني ٿيل بجيٽ منظور ڪيو ويو آهي ۽ اميد آهي ته مسئلا جلد حل ٿي ويندا، جڏهن ته، اسپتال پگهارون ادا نه ٿيڻ تائين بند رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو