ٺٽي ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد

ٺٽي ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد

ٺٽو: (ن س) اندرون سنڌ جي علائقي ٺٽي ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس ذريعن موجب، گھارو جي ويجهو بروسر ڪالوني روڊ تي بابڙا موري وٽ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڊيوٽي تي مقرر ٻنهي پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا.ٻئي طرف واقعي کانپوءِ حملا آور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي. ان حوالي سان عيني شاهدن جو چوڻ هو ته موٽرسائيڪل تي سوار مشڪوڪ ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جوابدارن پوليس اهلڪارن تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني. هنن ٻڌايو ته جوابدار اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ سندن سرڪاري هٿيار به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ٻنهي شهيد اهلڪارن جا مڙهه رورل هيلٿ سينٽر گھارو منتقل ڪيا ويا آهن، جتي پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويندا. ان کان علاوه پوليس ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻئي اهلڪار تازو ئي بدلي کانپوءِ گھارو ٿاڻي تي مقرر ٿيا هئا ۽ شام جي معمول جي پڪٽ ڊيوٽي تي مامور هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو