ٺٽو: (ن س) مڪلي بائي پاس ويجهو افسوسناڪ حادثو پيش آيو، تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ ماءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا.پوليس موجب، مبينا طور تي نشي ۾ ڌت ڪار سوار ٽن راهگيرن کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ ضامن علي ملاح ۽ سندس امڙ زخمن جا ساهه نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.حادثي ۾ هڪ ٻيو شخص پڻ زخمي ٿيو، جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس علاج جاري آهي، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.










