ٺارو شاهه، فصل جي ڀيل تان جهيڙو،فائرنگ،هڪ ڄڻو قتل

ٺارو شاهه، فصل جي ڀيل تان جهيڙو،فائرنگ،هڪ ڄڻو قتل

ٺارو شاهه (ن س )ٺاروشاهه ويجهو اڄڻ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان مارجي ويو، ڳوٺ خير محمد ڪنڊاڻي اڄڻ ۾ فصل جي ڀيل تان اڄڻ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب نوجوان سچل اڄڻ موقعي تي ئي مارجي ويو، ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ٻئي ڌريون مورچابند بڻيل آهن،مارجي ويل نوجوان جي پيءُ حاجن اڄڻ جو چوڻ هو ته سندس ڀائٽين ساجن ۽ منصور اڄڻ فصل جي ڀيل تان منھنجي نوجوان پٽ سچل کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي،ٺاروشاهه پوليس ھن مھل تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو