يو اي اي کان 1 ارب جي ضمانت هلندڙ هفتي ملڻ جا امڪان

يو اي اي کان 1 ارب جي ضمانت هلندڙ هفتي ملڻ جا امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گڏيل عرب امارتن کان هن هفتي هڪ ارب ڊالرن جي مالي مدد لاءِ لکيل ضمانت ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب ناڻي واري وزارت جو سيڪريٽري واشنگٽن ۾ سالياني اجلاسن دوران آءِ ايم ايف کي ان حوالي سان آگاهه ڪندو.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارتن کان هڪ ارب ڊالرن جي فنانسنگ لاءِ معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ يو اي اي اختيارين کان گارنٽي ملندي ئي آءِ ايم ايف کان لکت ۾ ضمانت به ورتي ويندي.ذريعن موجب وزيراعظم آفيس ۽ ناڻي واري وزير دوست ملڪن کي آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو