اسلام آباد ( بيورو) گڏيل عرب رياستن جي اختيارين آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي رليف ۽ بحالي لاءِ وڌيڪ جهاز موڪلڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. يو اي ايِ اختيارين آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان رابطو ڪري ٻوڏ متاثرن جي رليف ۽ بحالي لاءِ امدادي سامان سان ڀريل ويهه جهاز موڪلڻ جي خاطري ڪرائي آهي.گڏيل عرب رياستن طرفان امدادي سامان جي پهرين کيپ گذريل ڏينهن پاڪستان پهتي هئي جيڪا رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال نور خان ايئربيس تي وصول ڪئي هئي.ميڊيا رپورٽن موجب امدادي سامان ۾ خيما، خوراڪ، دوائون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن.










