يوڪرين 50 سيڪڙو علائقو ٻيهر حاصل ڪري ورتو: بلنڪن

يوڪرين 50 سيڪڙو علائقو ٻيهر حاصل ڪري ورتو: بلنڪن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن چيو آهي ته يوڪرين روس جي قبضي ۾ ڪيل 50 سيڪڙو علائقي تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو آهي.آمريڪي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته يوڪرين کي پنهنجي سرزمين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ انتهائي مشڪل جنگ وڙهڻي پوندي.هن وڌيڪ چيو ته اها جنگ ايندڙ هڪ يا ٻن هفتن ۾ نه ٿيندي پر ڪيترائي مهينا لڳي سگهن ٿا.هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته کيس يقين آهي ته يوڪرين کي آمريڪا جا ٺاهيل ايف 16 جنگي جهاز ڏنا ويندا، اسان جو خاص ڌيان ان ڳالهه تي آهي ته يوڪرين جي پائليٽن کي صحيح تربيت ڏني وڃي ته جيئن هو جهازن کي سنڀالي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو