ڪيف(ويب ڊيسڪ)روس يوڪرين جي شهر خرسن ۾ هوائي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا موجب مقامي انتظاميا پاران ٻڌايو ويو آهي ته روس طرفان فضائي حملن جو سلسلو جاري آهي، خيرسن شهر جي رهائشي ۽ انتظامي عمارتن کي هوائي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو، جيڪي هاڻي ڊهي پٽ پئجي ويون آهن.ان موقعي تي يوڪرين جي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته متاثر علائقي ۾ ڪا به فوجي اڏا موجود ناهي، جڏهن ته گورنر جاني نقصان جي حوالي سان تازي صورتحال ٻڌائيندي چيو ته روسي حملن ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ درجنين زخمي ٿيا. جن مان 18 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب تصويرن ۾ زبون حال عمارتن سان گڏ گاڏين کي باهه لڳندي ڏسي سگهجي ٿي، جڏهن ته روس ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به رد عمل ناهي ڏنو.










