يوٽيلٽي اسٽورز  تي  موجوده پيڪيج جاري رکڻ جو فيصلو

يوٽيلٽي اسٽورز تي موجوده پيڪيج جاري رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)يوٽيلٽي اسٽورز تي وزيراعظم جي رليف پيڪيج جو مدو ختم ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ موجوده وزيراعظم رليف پيڪيج کي نئين پيڪيج تي عملدرآمد تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ اعلانيل وزيراعظم رليف پيڪيج اڄ کان لاڳو نه ٿي سگهيو، جيستائين نئون پيڪيج لاڳو نه ٿيندو، موجوده وزيراعظم جو رليف پيڪيج جاري رهندو.يوٽيلٽي اسٽورز تي نئين پيڪيج لاءِ سمري اي سي سي ۽ وفاقي ڪابينا کي موڪلي ويندي.وزيراعظم پيڪيج تحت بي آءِ ايس پي جي صارفين کي يوٽيلٽي اسٽورن تي 5 بنيادي شين کنڊ، گيهه، اٽو، چانور ۽ دال تي سبسڊي ڏني پئي وڃي.بجيٽ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي وزيراعظم ۽ رمضان پيڪيج لاءِ 65 ارب رپيا رکيا ويا آهن.رمضان پيڪيج لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن، وزيراعظم جي رليف پيڪيج لاءِ 55 ارب رپيا رکيا ويا آهن.مالي سال 24-2023 لاءِ وزيراعظم پيڪيج تحت 35 ارب رپيا مختص ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو