سکر (ن س) يونان ٻيڙي حادثي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ايڊيشنل سيشن جج وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ گهرو وزير کي طلب ڪري ورتو. درخواستگذار طرفان داخل اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته حڪومتي لاپرواهي سبب بيروزگار پاڪستاني غير قانوني طريقي سان ٻاهرئين ملڪ ويا، حڪومتي رٽ ختم ٿي چڪي، 75 پاڪستاني حياتيون وڃائي ويٺا.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لاپرواهي تي حڪومتي ذميوارن خلاف روهڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو وڃي.ايڊيشنل سيشن جج ٽو يونان ٻيڙي حادثي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي داخل درخواست ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي ۽ ايس ايس پي سکر کي 15 جنوري تي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.










