مانجهند (ن س)انڙپور ۾ اڳوڻي يوسي چئرمين جي اوطاق تي مبينا من پسندن ۾ راشن جي ورهاست احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثرن تي ڏنڊا وسايا ويا 6 ڄڻا رتورت اسپتال منتقل پوليس بي وس تفصيل موجب انڙپور ۾ مقامي وڏيري ۽ اڳوڻي يوسي چئرمين عبدالغني ميسو جي اوطاق تي سرڪار طرفان ٻوڏ متاثرن کي راشن جي ورهاست ڪئي وئي سرڪاري عملدار نه هئڻ ۽ مستحق ٻوڏ متاثرن کي نظر انداز ڪري من پسند ماڻهن کي راشن ڏئڻ خلاف اوطاق جي سامهون سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي وئي ت بااثر جي ماڻھن احتجاج ڪندڙ مٿان لٺيون ڏنڊا ۽ سروٽا وسايا جنهن جي نتيجي ۾ احتجاج ڪندڙ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ صيفل کوسو زاھد زاهد کوسو محبوب کوسو جاويد کوسو عبدالحفيظ ۽ پرويز کوسو زخمي ٿي پيا انڙپور پوليس جهيڙي کان پوء واقعي واري ھنڌ پهچي جھيڙو ختم ڪرائي زخمين کي هيلٿ سينٽر انڙپور منتقل ڪيو احتجاج ڪندڙ عبدالحفيظ جو چوڻ ھو ت سرڪار طرفان ٻوڏ متاثرن لاء آيل راشن خيمان وڏيرو غني ميسو پنهنجي اوطاق تي رکرائي من پسند ماڻهن کي گھرائي ڏئي کين نظر انداز ڪيو جنهن خلاف پرامن احتجاجي مظاھرو ڪيو ت سندس حامين حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو آهي پر پوليس ونگاري بنجي ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ بجاء صلح جي ڪوشش پئي ڪري هنن مطالبو ڪيو ت راشن بااثرن جي اوطاقن بجاء سرڪاري انتظام هيٺ متاثرن کي ڏنو وڃي هوڏانهن ٻي ڌر جو چوڻ ھو ت اڳوڻي چئرمين تي حملو ڪيو ويو ت سندس حامين صرف سندس کيس ڇڏايو آھي پوليس موجب ڌرين کي فيصلي ۾ آڻيون ٿا










