ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پرتگال سنسني خيز مقابلي کانپوءِ يوئيفا نيشنز ڪپ جو ٽائيٽل ٻيهر پنهنجي نالي ڪري ورتو. پرتگال جي ٽيم دفاعي چيمپئن اسپين کي پينالٽي ڪڪس تي 3 جي مقابلي ۾ 5 گولن سان شڪست ڏني. مقرر وقت ۾ پرتگال ۽ اسپين ٻنهي 2-2 گول ڪيا هئا، ٻئي ٽيمون اضافي وقت ۾ به ڪو گول نه ڪري سگهيون، جنهن کان پوءِ ميچ جو فيصلو پينالٽي ڪڪس تي ٿيو. ٽئين پوزيشن واري ميچ ۾ فرانس ميزبان جرمني کي 2-0 تان شڪست ڏني، فرانس جي ڪيليان امباپي (Kylian Mbappe) جا انٽرنيشنل گول پنجاهه ٿي ويا.










