نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي خصوصي عدالت نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي پاران دهشتگردي جي الزامن هيٺ ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ عرف اسلم کي موت جي سزا ڏيڻ جي درخواست رد ڪندي، عمر قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. ياسين ملڪ چيو ته مان پنهنجي 28 سالن جي سياسي ڪيريئر ۾ گانڌي جي عدم تشدد جي فلسفي تي ڪاربند رهيو ۽ جيڪڏهن حڪومت دهشتگردي ۾ سندس ملوث هئڻ جو ثبوت پيش ڪري ته هو سياست تان رٽائر ڪرڻ جو اعلان ڪندو. هن چيو ته هي ڪوڙو ڪيس آهي، عدالت کي جيڪو وڻي فيصلو ڏي، مان خيرات نٿو گهران. عدالت جي معاون وڪيل موت جي سزا جي مخالفت ڪئي. ياسين ملڪ ڀارت جي بدنام زمانه تهاڙ جيل م قيد آهي. هو ڪشمير جي آزادي چاهي ٿو، ڀارت ۽ پاڪستان ڪنهن سان به الحاق جو حامي ناهي. هن جو اهو به چوڻ هو ته ته جيڪڏهن مان دهشتگرد هئس ته ڀارت جا 7 وزيراعظم ڇو ملندا رهيا؟










