شڪارپور (عبدالخالق سومرو) مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 ٻيا زخمي ٿي پيا. شڪارپور جي علائقي محمود باغ ٿاڻي جي حدن ۾ واقع ڳوٺ عامل مھر ۾ مھر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ هڪ عورت سميت ست ڄڻا زخمي ٿيا. پوليس موجب، واقعو وڻ ڪٽڻ جي تڪرار سبب پيش آيو، جيڪو ٿوري ئي دير ۾ سنگين هٿياربند جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو. ابتدائي اطلاعن موجب غلام سرور مھر ۽ راھب مھر موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته سخت زخمي پيرل مھر علاج دوران فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ هڪ عورت به زخمَن جي شدت سبب فوت ٿي وئي، جنهن سان فوتين جو انگ چار ٿي ويو. فائرنگ ۾ هڪ عورت سميت 7 ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي فوري طور ويجهو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس موجب، اطلاع ملندي ئي محمود باغ ٿاڻي جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي، پر اڃا تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. علائقي ۾ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچه بند آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ وڌيڪ ڪنهن ناخوشگوار واقعي کان بچڻ لاءِ علائقي ۾ اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي.










