لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته مان ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف جي محبت جو پيغام کڻي آئي آهيان. هن سنڌي ۾ ڪجهه لفظ ڳالهايا، هن چيو رات ڏيڍ وڳي نئون ديرو ۾ بلاول، ادي فريال، بختاور ۽ آصفه استقبال ڪيو. هن چيو ته اڳ ۾ جڏهن مان ڪراچي جلسي وئي هئس ته هوٽل جي ڪمري تي حملو ڪيو ويو هو پر اڄ هن پنهنجي گهر ۾ رکيو. هن چيو ته شهيد محترمه پهرين اسلامي دنيا جي وزيراعظم هئي، الله سندس مغفرت ڪري. هن چيو ته مان ٻڌو هو سنڌين جو دل به وڏو آهي ۽ دسترخوان به وڏو آهي ۽ اهو مون به اڄ ڏٺو آهي. شهيد محترمه جو ڏک اسانکي به آهي، هي قومي سانحو آهي. مان ڀٽو شهيد ۽ شهيد محترمه لاءِ شعر پڙهيو. هن چيو ته جڏهن محترمه شهيد تي حملو ٿيو ته نواز شريف اسپتال پهتو ۽ موت جو ٻڌي روئندو رهيو. مون کي امڙ اطلاع ڏنو ته بينظير شهيد ٿي وئي آهي گهر اچ، اسان سڀ ڏاڏي جي ڪمري ۾ سڀ روئيندا رهيا سين، ايئن پيو لڳي ڄڻ اسانجي گهر جو ڀاتي فوت ٿيو آهي. منهنجي ماءُ تڏهن فوت ٿي جڏهن مان جيل ۾ هئس. هن چيو ته بلاول ته ننڍي عمر ۾ ماءُ کان محروم ٿيو. هن چيو ته محترمه شهيد پنهنجي والد جو مقدمو وڙهندي وڙهندي سندس قدمن ۾ هلي وئي. مان به چاهيان ٿي ته ووٽ کي عزت ڏيڻ واري والد جي نظريي لاءِ جان جي قرباني ڏيان. هن چيو ته ميثاق جمهوريت تي صحيح ٿيڻ واري ڏينهن مون 3 ڪلاڪ محترمه سان گڏ گذاريا ۽ هن شفيق ماءُ جيان مون سان سلوڪ ڪيو. هن چيو ته اسين هڪٻئي جا سياسي مخالف هوندي به گڏ آهيون ڇو ته اهو ميثاق جمهوريت جو ڪمال آهي. هن چيو ته ماضي ۾ جيڪي به غلطيون ٿيون ان جو فائدو غير جمهوري قوتن حاصل ڪيو، اڄ سياستدانن ان جو ازالو ڪندي اهي غلطيون نه ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ۽ جمهوري حڪومتن مدت پوري ڪرڻ شروع ڪيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته ان راءِ کي نواز شريف ڪچليو. جنهن بعد وڙهايو ۽ رول ڪريو وارن کلي ناڪامي ٿي ته دنيا جهان جو ڪچرو ڪٺو ڪري جنرل پاشا نئين پارٽي ٺاهي، اڄ عمران خان چوي پيو ته کيس ڪجهه نٿو اچي، ڪم نٿو اچي، هو پاڻ چوي پيو ته تياري بنا حڪومت ۾ نه اچڻ گهرجي، هو نااهلي جو اقرار پيو ڪري. ملڪ هاڻي ايئن نه هلندو، جيڪو آئين ٽوڙي، ملڪ ٽوڙي، ڪشمير وڃائي، حلف ٽوڙي سياست م مداخلت ڪري تڏهن به معصوم، ڪوئي اربين روپين جي ڪرپشن ڪري ته به معصوم، پيزا واري جي خبر اٿو نه، اهو به معصوم، ليڪن گوليون سياستدانن وارن جي سيني ۾، ڦاهيون سياستدانن کي، ميڊيا ۾ سرڪس لڳي ته سياستدانن خلاف، ڪردار ڪشي ٿي ته سياستدانن جي، ياد رکو ته نظرين کي موت ناهي ايندو. اهوئي سبب آهي ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ بينظير ۽ نواز شريف جو نالو پيو گونجي. اوهان ته ڊڄڻا آهيو محترمه جي قاتل مشرف کي به سزا نٿا ڏيو، بينظير شهيد جي قاتل ۽ آئين جي قاتل کي سزا ڏيندڙ عدالت کي ڦاهي چاڙهي ڇڏيو. اڄ مشرف ملڪ ۾ واپس نٿو اچي سگهي ۽ نه ايندو؟ مشرف کي سزا ڏيندڙ جج تاريخ ۾ امر رهندو. مريم نواز چيو ته هڪ ناڪام، نا اهل شخص اڄ اين آر او پيو گهري، شهباز شريف سان ملڻ لاءِ خاندان وارن کي هفتي ۾ اجازت نه ملندي آهي پر اين آر او گهرڻ لاءِ ايلچي جيل پيو موڪلي. توکي (عمران خان) هاڻي اين آر او نه ملندو، مهانگائي ختم ڪرڻ لاءِ عمران کي گهر موڪلڻو پوندو. هن چيو ته ڀارت ۾ فوج ۽ آءِ ايس آءِ خلاف هن نا اهل ڳالهايوهو، اسان تي ڪهڙي منهن سان ٿو الزام هڻي ته فوج خلاف اسين ٿا ڳالهايون، هڪ صفحي تي رهڻ جون ڳالهيون ڪري هن فوج کي تاريخي بدنامي ۾ مبتلا ڪيو. هي جڏهن 90 روپيا اٽو ٿئي ٿو، عوام جو ڪچومر ٿو ڪڍي ته چوي ٿو ته فوج سندس پويان آهي. فوج تي تنقيد تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ذاتي مفادن لاءِ فوج کي استعمال ٿو ڪرين، جڏهن فوج کي نالائقي لڪائڻ لاءِ استعمال ٿو ڪرين.مريم چيو ته توکي آڻڻ وارن کي پوئتي هٽڻو پوندو، ڇو ته غريب کي دوا به نٿي ملي. اسين فوج کي حڪومت جو تختو الٽائڻ جو نٿا چئون اسين چئون ٿا ته سليڪٽر پوئتي ٿيو اسين ڄاڻون عمران خان ڄاڻي، تنهنجي تابعداري نه هلندي. هن چيو ته بلاول مردان ۾ نه آيو ته هي خوش ٿيو ته پي ڊي ايم ۾ اختلاف ٿي ويا، اڄ مولانا فضل الرحمان نه آيو ته وري چوندين ته پي ڊي ايم م اختلاف آهن. هن چيو ته اسانکي ٻار ٿو ڪوٺي پوءِ ٻارن کان ڊڄي وڏن جي پويان ڇو ٿو لڪين؟ ڪن کولي ٻڌ ته تنهنجي جنگ 22 ڪروڙ عوام سان آهي جن تون بجلي جيان ڪڙڪيو آهين، هي جنگ تون هاري چڪو آهين. ان کان اڳ جڏهن مريم نواز جيئن پنڊال ۾ پهتي ته مهرون شير تي هڻو جو ترانو هلايو ويو، ووٽ کي عزت ڏيو، تيري آواز ميري واز مريم نواز مريم نواز جا اسٽيج تان نعرا هڻايا ويا.










