ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 200 بسترن تي ٻڌل سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونيٽالوجي (SICHN) چلڊرن اسپتال ڪورنگي جنهن ۾ 28 بسترن تي ٻڌل پيڊياٽرڪ انٽيسيو ڪيئر يونٽ (PICU) ۽ 52 بسترن تي ٻڌل نيونيٽل انٽينسو ڪيئر يونٽ (NICU) شامل آهن جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪورنگي چلڊرن اسپتال 21 وينٽيليٽر، 26 هاءِ فلو وينٽيليٽيشن ۽ 20 فوٽو ٿراپي لائيٽن سان ليس آهي. اسپتال ۾ 41 بسترن تي ٻڌل جنرل پيڊياٽرڪ وارڊ آهن ۽ روزانو 350 مريضن جي او پي ڊي ٿيندي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير ڪورنگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي عوام کي پنهنجي علائقي ۾ چلڊرن اسپتال قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن اهڙي جديد سهولت قائم ڪرڻ تي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونٽالوجي (SICHN) کي پڻ مبارڪباد ڏني. مراد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪورنگي ضلعي جي عوام کي رڳو دلاسا ڏيڻ بدران بهترين روڊ انفرااسٽرڪچر، فلائي اوور، ٽرانسپورٽ ۽ هاڻي چلڊرن اسپتال فراهم ڪري اصل خدمت ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسپتال ۾ مختلف سهولتون آهن جن ۾ او پي ڊي، ريڊيالوجي، نيونيٽل انٽيسيو ڪيئر يونٽ، پيڊياٽرڪس ڪيئر يونٽ، جنرل پيڊياٽرڪس، بحالي مرڪز، فارميسي ۽ مڪمل ليس ليبارٽري شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر SICHN جمال رضا پاران ڏنل پريزنٽيشن دوران فيصلو ڪيو ويو آهي ته نون ڄاول ٻارن جي صحت جو خيال رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪيون وينديون. مراد شاهه چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هر هڪ هزار جنم وٺندڙن مان 45.6 نوان ڄاول ٻار فوتگي جو شڪار ٿين ٿا جڏهن ته انهن مان 80 سيڪڙو کي مناسب سهولتون فراهم ڪري فوتگين کي روڪي سگهجي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻارن جي فوتگي شرح کي گهٽائڻ لاءِ ٿرڊ ٽائر سسٽم (انورٽڊ پرامڊ اسٽرڪچر) تجويز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پرائمري هيلٿ ڪيئر يونٽن جي فراهمي شامل آهي، جنهن کانپوءِ تعلقي سطح تي سيڪنڊري ڪيئر يونٽس شامل آهن، ڪينگرو مدر ڪيئر (KMC) ) ۾ بنيادي يونٽ شامل آهن جن ۾ ماءُ ۽ نون ڄاول ٻار جي وچ ۾ جلد کان جلد رابطي لاءِ، بار بار ٿڃ پيارڻ ۽ اسپتال مان جلد ڊسچارج ٿيڻ (سهولتون، فلوئڊ سپورٽ، ۽ صحت جي سار سنڀال وغيره شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي سطح تي ٽيري ٽائر يونٽ قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن خاص مشاورتي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته SICHN جا 86 سيڪڙو مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته انگن اکرن موجب اسپتال ۾ سمورن خدمتن کانپوءِ ڪاميابي جو سراسري تناسب 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ڪورنگي چلڊرن اسپتال ۾ 28 بسترن تي ٻڌل پيڊياٽرڪ انٽيسيو ڪيئر يونٽ (PICU) آهي جنهن جي ڪاميابي جي شرح 90 سيڪڙو آهي ۽ عام ٻارن ۽ او پي ڊي جا ڪيس 100 سيڪڙو جي ويجهو آهن. مراد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت SICHN جي ڪورنگي چلڊرن اسپتال لاءِ واڌ واري منصوبي تحت پيڊياٽرڪ سرجيڪل يونٽ قائم ڪرڻ واري آهي جنهن ۾ طبي سهولتن جي فراهمي کان علاوه ذيلي اسپيشلٽيز، ليبارٽرين ۾ واڌ ۽ موجوده انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن شامل آهن ۽ هڪ مشهور ٽريننگ ايڪريڊيشن پليٽ فارم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جي پي ايم سي ۾ ايس آءِ سي ايڇ سيٽلائيٽ سينٽر پروجيڪٽ اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهي تنهن هوندي 92 سيڪڙو ڪيسن کي اُڪلايو ويو آهي. هن چيو ته روزانو ڊيليوري جو سراسري تناسب 35 آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر پنجواڻي سينٽر فار ماليڪيولر ميڊيسن جي سهڪار سان نيونٽيل انٽيسيو ڪيئر يونٽ کي وڌايو پيو وڃي. SICHN پنهنجي جينياتي جانچ جو شعبو قائم ڪري رهي آهي جن ۾ جينياتي ميوٽيشن ٽيسٽ، ميٽابولڪ سنڊروم اسڪريننگ ۽ ٻارن جي صحت ۽ نرسنگ ۾ مصنوعي ذهانت جو استعمال شامل آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ”ڪوليبريشن اينڊ ڪميونٽي ڊولپمينٽ ٽريننگ يونٽ“ قائم ڪيو ويو آهي جتي ڊي ايڇ او اوڀر ۽ ڪورنگي مان ڊاڪٽرن، نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت 72 ٻيو عملو موجود آهن ۽ 36 چنيوٽ جنرل اسپتال جي نون ڄاول ٻارن کي سنڀالڻ جي تربيت ڏني وئي آهي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير اسپتال جي مختلف وارڊن ۽ او پي ڊي جو دورو ڪيو جتي هن پنهنجي ٻارن کي طبي معائنو ۽ علاج لاءِ اسپتال ۾ آڻيندڙ مائرن سان ملاقات ڪئي.










