وڏي وزير پاران پوليس کي ايندڙ مهيني مڪاني چونڊن لاءِ تيار رهڻ جو حڪم

وڏي وزير پاران پوليس کي ايندڙ مهيني مڪاني چونڊن لاءِ تيار رهڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو کي هدايت ڪئي آهي ته هو 16 جون تي ڪورنگي جي تڪ اين اي 240 تي ننڍي چونڊ دوران فائرنگ جي واقعي جي انڪوائري ڪري ۽ ملوظ جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن اها ڳالهه ڇنڇر جي شام وزيراعليٰ هائوس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان ملاقات ڪندي چئي. وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان ملاقات دوران واقعي جا تفصيل حاصل ڪيا ۽ کيس ان واقعي جي مڪمل جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ننڍي چونڊن ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ڪئي وئي. جانچ (فائرنگ) واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سندن ساٿين سميت نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته وڏين قربانين کانپوءِ هن شهر ۾ امن بحال ٿيو آهي ۽ ڪنهن کي به امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته هر سياسي جماعت کي حق آهي ته هو پرامن سياسي عمل ۾ حصو وٺن پر هو شهر ۾ نفرت، قتل ۽ رتوڇاڻ جي سياست نه ٿيڻ ڏيندا. سنڌ جي وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي سمورن ايس ايس پيز کي پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ انٽيليجنس بيسڊ ٽارگيٽيڊ آپريشن جي حوالي سان متحرڪ ڪن ۽ ڊرگ مافيا خلاف ڪارروائي ڪن. هن 24 جولاءِ تي ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ شهر ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ انٽيليجنس جي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو