اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي قيمتن ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي.اگهه ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي 38 رپيا 97 پئسا في ڪلو ٿي وئي، اوگرا ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي 11.8 ڪلو گهريلو سلنڈر 459 رپيا 85 پئسا مهانگو ٿي 2 هزار 833 49 پئسا ٿي ويو.اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي في ڪلو جي نئين قيمت 240 رپيا 12 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ تي فوري عمل ڪيو ويندو.










