اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وڌ کان وڌ وسيلا پيدا ڪرڻ ۽ دفاع لاءِ وسيلن جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي، دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيلا گهربل آهن.قومي اقتصادي ڪائونسل کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته بجيٽ جي حوالي سان صوبن سان ڪيترين ئي هفتن کان مشاورت جاري آهي، صوبن سان وڌيڪ وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿي، جي ڊي پي (GDP) ۾ تيزي لاءِ اهڙا قدم کڻڻا پوندا جنهن سان ايڪسپورٽ (برآمدات) وڌي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته معيشت ۾ ميڪرو ليول تي بهتري آئي آهي پر اڃا وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٽيم ورڪ طور پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪيا، ملڪي معيشت کي وڏن چئلينجن جو سامنا ڪرڻو پيو، مشڪلاتن جي باوجود ڪوشش ڪئي ته آئي ايم ايف (IMF) پروگرام تي عمل پيرا رهون، ڪلهه رات ايم ڊي آئي ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ٿي، هن پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيو. هن جو چوڻ هو ته خطي جي صورتحال جي ڪري تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون آهن، صوبن ان حوالي سان ڀرپور تعاون ڪيو، روزگار جا موقعا، برآمدات، معاشي بهتري ۽ پيداواري صلاحيت وڌائڻ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، تيل جي قيمتن جي مد ۾ عوام کي 128 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پيٽرول پمپن تي لائينون ڏسڻ ۾ آيون، وقتائتن قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ عوام کي پيٽرول دستياب رهيو.










