وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ: وزيراعظم هنگامي دوري تي سعودي عرب روانو

وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ: وزيراعظم هنگامي دوري تي سعودي عرب روانو

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسن اندرابي موجب وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب روانو ٿيو آهي. نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به وزيراعظم سان گڏ آهي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان هفتيوار پريس بريفنگ جي دوران ٻڌايو ته شهباز شريف سعودي ولي عهد سان ملاقات ڪندو جنهن دوران خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ علاقائي سيڪيورٽي صورتحال سميت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو اهميت جوڳو آهي. وزيراعظم جو دورو ٻطرفي ويجهي مشاورت، خطي ۾ امن، سلامتي بابت معاملن تي رابطن جو حصو آهي. پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي، جنگبندي، ڳالهين ۽ سفارتڪاي جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو