آمريڪي اڏن کي ٻيهر نشانو بنائي سگهون ٿا، خامنائي

آمريڪي اڏن کي ٻيهر نشانو بنائي سگهون ٿا، خامنائي

تهران: (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي آمريڪا کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ آمريڪي اڏن کي ٻيهر نشانو بنائي سگهون ٿا.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي گذريل مهيني قطر ۾ آمريڪي اڏي کي نشانو بنائڻ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته العديد اڏي تي حملو معمولي واقعو نه هو، پر اهو هڪ وڏو ڪارنامو هو اهڙو ڪارنامو ٻيهر ٿيڻ به ممڪن آهي.آيت الله خامنائي چيو ته خطي ۾ آمريڪي اڏن تائين پهچڻ جي صلاحيت رکون ٿا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پينٽاگون به انهي ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته 23 جون تي ايران طرفان ڪيل حملي ۾ هڪ بيلسٽڪ ميزائل العديد اڏي تي ڪمونييڪيشن ڊوم تي ڪريو هو جنهن جي سيٽلائيٽ تصوير به سامهون اچي چڪي آهي. ايران طرفان العديد اڏي تي حملي جي ڪجهه ئي دير بعد آمريڪا جي چيئرمين آف جوائنٽ چيفس جنرل ڊي ڪين پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته آمريڪا ايران طرفان ڪيل حملي کان اڳ ئي آگاهه هو.

پهنجو تبصرو موڪليو