سعودي، مصر ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن جي مشاورت

سعودي، مصر ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن جي مشاورت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايران خلاف جنگ ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري آهن، ان سلسلي ۾ سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جا پرڏيهي وزيرن ابتدائي مشاورت ڪئي آهي. ٻن ڏينهن واري مشاورتي اجلاس جي پهرين ڏينهن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار مهمان هم منصبن سان خطي م امن، ايران جنگبندي ۽ ٻطرفن معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. سرڪاري طور ابتدائي ملاقاتن بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو. سعودي پرڏيهي وزير بعد وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪئي آهي. اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران سان ڳالهيون جاري آهن، اهي ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان تڪرار ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، دوست ملڪ به مڪمل تعاون ڪري رهيا آهن.ان کان علاوه پرڏيهي وزير اسحاق ڊار قطر جي وزيراعظم سان به رابطو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تڪرار کي فوري طور تي گهٽائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته قطري قيادت خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي تعريف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو