ويسٽ انڊيز 34 سالن بعد پاڪستان کان ون ڊي سيريز کٽي  ورتي

ويسٽ انڊيز 34 سالن بعد پاڪستان کان ون ڊي سيريز کٽي ورتي

تاروبا(ويب ڊيسڪ)ويسٽ انڊيز پاڪستان کي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ 202 رنسن جي وڏي فرق سان شڪست ڏئي، 34 سالن بعد ون ڊي سيريز کٽي ورتي. 295 رنسن جي هدف جي پويان پاڪستان جا 4 رانديگر زيرو تي آئوٽ ٿيا ۽ پوري ٽيم 92 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. ٽئين ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي سان ويسٽ انڊيز سيريز 2-1 سان پنهنجي نالي ڪئي. تاروبا ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز 50 اوورن ۾ 294 رنسون ٺاهيون. شائي هوپ 120 ۽ جسٽن گريوز 43 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ پاڪستان جي ٽيم صرف 92 رنسن تي ڍير ٿي وئي. سلمان آغا 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. پاڪستان جا 8 بيٽسمين ڊبل فيگر ۾ به نه پهچي سگهيا. ويسٽ انڊيز جي جيڊن سيلز 6 وڪيٽون حاصل ڪيون. جيڊن سيلز جي 6 وڪيٽن واري شاندار ڪارڪردگي (جيڪا ون ڊي انٽرنيشنل ۾ ڪنهن به ويسٽ انڊين بالر جي ٻي بهترين ڪارڪردگي آهي) ۽ شائي هوپ جي ناقابل شڪست سينچري پاڪستان کي ٻنهي اننگزن ۾ بي وس ڪري ڇڏيو. ظاهر ٿيو ته هڪ ڏکئي وڪيٽ تي ويسٽ انڊيز کي اسپنرز خلاف رنسون ٺاهڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي، ۽ محمد رضوان موقعو وٺي پنجين بالر جا اوور پورا ڪرايا. لڳي رهيو هو ته ويسٽ انڊيز وڏي اسڪور بدران محتاط بيٽنگ جو انتخاب ڪيو هو ته جيئن وڪيٽون بچي سگهن، پر نتيجي ۾ 44هين اوور جي شروعات تائين هو 200 رنسن تائين به نه پهتا. 44 هين اوور جي پهرين بال تي هوپ محمد نواز کي لانگ آن مٿان ڇڪو هڻي 200 رنسون مڪمل ڪيون، ۽ ايندڙ بال تي ٻيو ڇڪو هن جي ارادي کي واضح ڪري ڇڏيو. پاڪستان صرف ڏسندو رهيو ته ڪيئن ويسٽ انڊيز اوچتو تيز راند شروع ڪري هڪ کان پوءِ هڪ وار ڪندي رهي. رضوان فوري طور ابرار احمد کي واپس اٽيڪ تي آندو، جيڪو پهرين 6 اوورن ۾ رڳو 5 رنسون ڏنيون هيون، پر ويسٽ انڊيز جي ڪپتان پنهنجي بيٽنگ کي نئين گيئر ۾ وجهي ابرار جي اوور ۾ 18 رنسون ٺاهي ڇڏيون. ٻئي پاسي جسٽن گريوز به حسن علي کي نشانو بڻايو. نسيم شاهه راسٽن چييز کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ ريورس سوئنگ يارڪر آزمايا، پر هوپ جي جارحيت نه گهٽي. هڪ شاندار ڪور ڊرائيو سان سينچري مڪمل ڪري، ويسٽ انڊيز جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙن ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو. آخري 7 اوورن ۾ 100 رنسون ٺهيون. آخري بال تي جڏهن هن حسن علي کي ٿرڊ مين مٿان چوڪو هنيو، پاڪستان جا رانديگر مايوسي ۾ واپس موٽيا. پاڪستان جي اننگز جي شروعات ۾ ئي پهرين اوور ۾ صائم ايوب آف اسٽمپ کان ٻاهر بال تي سلپ ۾ ڪيچ ٿي ويو. عبدالله شفيق به بنا رن ٺاهڻ جي سيلز جي شارپ بال تي مڊ آن تي ڪيچ ٿي ويو. پر ٽئين وڪيٽ ڏينهن جو خاص بال هئي. رضوان (جيڪو بالرن لاءِ ڊگھائي سيٽ ڪرڻ مشڪل بڻائي ٿو) هڪ هارڊ لينٿ بال ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، پر بال ٿورو واپس آيو ۽ آف بيل کي هڻي هيٺ ڪيري ڇڏيو. اسٽمپ کي ڇهڻ کانسواءِ بيل ڪرڻ ناياب منظر آهي. پاڪستان جي آخري اميد بابر اعظم هو، پر هو به سنگل اننگ ۾ ايل بي ڊبليو ٿي ويو، ۽ 23 جي اسڪور تي 4 وڪيٽون ڪري پيون. سلمان آغا ۽ حسن نواز جي ڪوشش هر اوور ۾ چند سنگل ٺاهڻ تائين محدود رهي، جنهن سان اڳ ۾ ئي ڏکيو هدف ناممڪن بڻجي ويو، ڇو ته گهربل رن ريٽ تيزي سان وڌي رهيو هو. اهو به ڪو خاص فرق نه پيو ته پاڪستان بيٽنگ ڊيپٿ وڌائڻ لاءِ مستقل بالرن کي ٽيم مان ڪڍي ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ⁠ته کين خبر هئي ته هو هي هدف پورو نه ڪري سگهندا. جڏهن موٽي ۽ چييز ٻنهي کي جلد آئوٽ ڪيو، ته ويسٽ انڊيز کي ڪاميابي ويجهي نظر اچڻ لڳي.آخري وار ڪرڻ جي ذميواري سيلز کي ڏني وئي، جنهن نسيم ۽ حسن علي کي تيزي سان آئوٽ ڪيو. پوءِ ابرار هڪ رن وٺڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ممڪن نه هئي، چيز سڌو ٿرو ڪري کيس آئوٽ ڪيو، ۽ هن تيزي سان سيلز مردن جي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ويسٽ انڊين بالر جي ٻي بهترين ڪارڪردگي وارو بالر بڻجي ويو. نوجوان فاسٽ بالر جي شاندار بالنگ جي باوجود، پاڪستان پنهنجي شڪست ۾ آخري ڪردار پاڻ ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو